ڇنڊو ڏيڻ

ڇنڊو ڏيڻ: هيءُ هڪ قسم جو سنؤڻ آهي. سنڌ جي ڪن علائقن ۾ جڏهن ڪو ٻار يا وڏو بيمار ٿي پوندو آهي ۽ گهڻي علاج معالج ڪرائڻ سان به صحتياب نه ٿي سگهندو آهي ته گهرن ۾ پاڙي جا ننڍا ٻار گهرايا ويندا آهن، جن کي کاڌو کارائي هڪ پاڻيءَ جي ٿانوَ مان هٿ ڀڄائي، ڇنڊا بيمار شخص جي منهن تي هڻايا ويندا آهن. ڪٿي ڪٿي ڪو پڙهايل يا پاڪ پاڻي ان عمل لاءِ مخصوص ڪيو ويندو آهي. ٻارڙا بيمار شخص کي ڇنڊا هڻڻ وقت ’ڇٽو ڇٽو‘ جا لفظ اچاريندا آهن، جنهن جو مطلب بيماري مان ڇٽڻ يا آزاد ٿيڻ آهي، اهڙي عمل کي ’ڇنڊو هڻڻ‘ يا ’ڇنڊو ڏيڻ‘ چيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو